خان محمد فقير چانڊيو

خان محمد فقير چانڊيو

خان محمد فقير چانڊيو

خان محمد فقير چانڊيو: شاھه عبداللطيف ڀٽائي جي درگاهه جو مشھور راڳي، خان محمد فقير ولد عرس فقير چانڊيو، 1945ع ڌاري ڳوٺ دليل چانڊيي، تعلقي گولاڙچي (شھيد فاضل راهو) ضلعي بدين ۾ ڄائو. خان محمد فقير جو والد عرس فقير به ڀٽائيءَ جو مشهور راڳي ٿي گذريو آهي. هن راڳ جي شروعاتي تعليم پنهنجي والد کان ورتي بعد ۾ شاهه سائينءَ جي راڳ جي مڪمل داستانن ۽ راڳ تي عبور حاصل ڪرڻ لاءِ سيد غلام شاهه کان باقاعدي سکيا ورتي. 1971ع ۾ پهريون ڀيرو شاھه لطيف جي درگاهه تي ڀٽائيءَ جو راڳ ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. پي ٽي وي سينٽر ڪراچيءَ تي کيس اڳوڻي جنرل مئنيجر عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. خان محمد فقير ثقافت کاتي معرفت پئرس، جرمني، برلن، بيلجيم، اسپين، انگلنڊ، آمريڪا، آسٽريليا ۽ روس وغيره ۾ فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي.ڪجهه عرصو سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري ۾ سينٽر فار ميوزڪ ايجوڪيشن ۾ شاھه لطيف جي راڳ جي سکيا ڏيندو رهيو.کيس ’لطيف اوارڊ ‘به مليو. خان محمد فقير 11 سيپٽمبر 2020ع تي ڀٽ شاهه ۾ وفات ڪئي. کيس لطيف جي درگاهه جي پويان حجري ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2020.09.11  عيسوي

خان محمد فقير 11 سيپٽمبر 2020ع تي ڀٽ شاهه ۾ وفات ڪئي. کيس لطيف جي درگاهه جي پويان حجري ۾ دفن ڪيو ويو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الهڏنو نوناري
سيد موٽڻ شاهه
صنم مارئي
ڦوٽو زرداري
شاهه محمد شاهه2
رشيد علي خان
بينجمن سسٽرز
پکراج ملڪه
غلام علي سنديلو
شادي فقير
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون